خالد چانڊيو

خالد چانڊيو

خالد چانڊيو

خالد چانڊيو: مشهور اديب ترجمي نگار ۽ ڪالم نگار خالد چانڊيي جو پورو نالو خالد سيف الله ولد امان الله چانڊيو آهي. سندس جنم 18 آگسٽ 1961ع تي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ به ساڳئي ڳوٺ جو رهواسي ۽ سندن عزيز هو. ابتدائي تعليم پرئڪٽينگ اسڪول حيدرآباد، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين. هن گريجوئيشن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. خالد چانڊيو ڪيترن ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي. هي ’انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن‘ لاڙڪاڻي جو ڪوآرڊينيٽر، رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻي جو صدر، انجمن ترقي پسند مصنفين جو سيڪريٽري، ايمنسٽي انٽرنيشنل لاڙڪاڻي جو صدر، لبرل فورم پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر رهيو آهي، واپڊا ۾ آفيسر آهي. سندس تحقيقي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي موضوعن تي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. هن جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: گانڌيءَ جو قتل (ترجمو: 2002ع)، امام انقلاب منصور حلاج (تـرجـمـو: 2002ع)، قـربـان جـتـوئـي: شـخصيـت خـدمتـون ۽ قـيـد ڪـهاڻي (2007ع)، ان کان سواءِ هن ناليواري قانوندان عبدالرزاق سومري جي يادگيرين جو ڪتاب ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ جولاءِ 2011ع ۾، رائيٽر ڪلب لاڙڪاڻي پاران ڇپرايو آهي.کيس ادبي ۽ سماجي خدمتن عيوض 2007ع ۾ ’صوفي اوارڊ‘ سميت ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ مليل آهن.


لفظ خالد چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.08.18  عيسوي

مشهور اديب ترجمي نگار ۽ ڪالم نگار خالد چانڊيي جو پورو نالو خالد سيف الله ولد امان الله چانڊيو آهي. سندس جنم 18 آگسٽ 1961ع تي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نور الدين سرڪي
قابل ڏاهري
خالد سنڌي
غلام محمد بلو
صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي
سڪندر علي مرزا
نذير احمد چنا
آغا ظفر
رعنا شفيق
چاچڙ حاجي خان ڄاموٽ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون